23 منگل , اکتوبر 2018

نئين مڪاني نظام ۾ نمائندو بااختيار هوندو: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف سان ذاتي جهيڙو ناهي، سندس ذاتي مستقبل مونجهاري ۾ نظر اچي رهيو آهي، هو سياسي نه پر پنهنجي ذاتي مستقبل جي ڳڻتي ڪري. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف حڪومت هڪ لک 10 هزار ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا، لاهور تي ايترو پئسو خرچ ڪيو ويو پوءِ به مِينهن جو پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي، چاهيون ٿا ته اسان جي حڪومت ن ليگ کان مختلف هجي. هن چيو ته وزيراعظم مڪاني نظام بابت بريفنگ وٺي رهيو آهي، هاڻوڪو مڪاني نظام آئين جي بنيادي شرطن تي پورو نٿو لهي، نئين نظام ۾ نمائندو بااختيار هوندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان نظريي موجب هلندو، هو پنجاب جي وزيرن کي ٽارگيٽ ڏئي رهيو آهي، ن ليگ کان جڏهن رڪارڊ گهريوسين ته کين باهه لڳي وئي، وزيراعظم باهه لڳڻ وارن سمورن واقعن جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، پي ٽي آءِ جو سياسي مارجن تمام سٺو آهي، اميد آهي ته ضمني چونڊن ۾ گهڻيون سيٽيون کٽينداسين. فواد چوڌري چيو ته اسان 70 ورهين کان وڙهي رهيا آهيون، پاڪستان سدائين امن جي ڳالهه ڪئي، نواز شريف جيئن پاناما ۾ ڦاٿو، ائين ئي مودي جهاز اسڪينڊل ۾ ڦاٿو آهي، ڀارت اسان کي پنهنجي اندرين سياست ۾ نه گِهلي، ڀارت کي خوش فهمي آهي ته اهي اڳتي نڪري وڃن ۽ خطي پوئتي رهجي وڃي پر ائين نه ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے