22 پیر , اکتوبر 2018

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي فوج جو جنگي جنون خطي جي تباهي آهي، جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ۽ ڌمڪين جو سلسلو بند ڪيو وڃي، پاڪستان خود مختيار، باوقار، پرامن ۽ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي، مودي ۽ ڀارتي فوج جو جنگي جنون خطي جي تباهي ثابت ٿيندو. هن چيو ته ڀارتي فوج ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهي، جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه عوام کان شڪست کائي پنهنجو هوش وڃائي چڪي آهي، ڪشمير ۾ بدترين شڪست جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت خطي کي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. مولا بخش چانڊيي چيو ته ڀارت آئي ڏينهن ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارتي اڳراين خلاف سڄي قوم متحد آهي، سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے