20 ہفتہ , اکتوبر 2018

سنڌ ۾ پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پنج ڏينهن واري پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي، صحت جي وزير عذرا فضل پيچوهو ٻار کي ڦُڙا پيئاري مهم جي باقاعدي طور شروعات ڪندي. سومر جي صبح سهراب ڳوٺ جي اسپتال کان پوليو مهم جي شروعات ٿيندي. 24 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ مهم دوران سڄي صوبي ۾ 87 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا. پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ڪراچي ۾ 24 لک ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويندا ۽ 12 هزار کان وڌيڪ رضاڪار مهم ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا. پوليو مهم ۾ 5 هزار پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب انگن اکرن جي روشني ۾ هلندڙ سال اڃا تائين سنڌ ۾ پوليو جو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے