23 منگل , اکتوبر 2018

ڌمڪين جو جواب ڏيڻ جي اهليت رکون ٿا: شهريار آفريدي

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستاني قوم قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندي، ڀارت جي ڌمڪين جو جواب ڏيڻ جي اهليت رکون ٿا. ڪوهاٽ جي دوري دوران مختصر خطاب ڪندي شهريار آفريدي چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، جيڪڏهن جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلم خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندو، عالمي ادارن کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته افغان پناهگيرن کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جو فيصلو پارليامينٽ ۾ صلاح مشوري کان پوءِ ٿيندو. نواز شريف بابت ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته عدليا آزاد آهي، جيڪو به فيصلو آيو ان کي قبول ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے