21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | نوابشاهه: واپڊا ايس ڊي او  سوڌو 3 ڄڻن جا قتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ قتل ٿيل واپڊا حيسڪو نوابشاهه ٽو ايس ڊي او ڪريم بخش ڏاهري سندس ڀاءُ رسول بخش ڏاهري ۽ ڀائٽيو عبدالغفور ڏاهري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

مقتولن جي پٽن عماز علي ڏاهري ۽ شاهد رسول ڏاهري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي حاجي الاهي بخش ڏاهري، محمد قاسم ڏاهري، انجنيئر عبدالستار ڏاهري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايف آئي آر داخل ٿيڻ باوجود چئن ڏينهن کان  پوليس ستن جوابدارن مان هڪ به جوابدارن گرفتار نه ڪيو آهي

هنن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن   کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري کين  انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : ٽنڊوڄام: برطرف ملازمن جو انتهائي قدم، انتظاميھ پريشان

* ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ برطرف ٿيل 69 ملازمن پاران بلاجواز ۽ جبري برطرفي خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے