21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري ٿيندي

هنن چيو ته  حيدرآباد ۾ 12 کان وڌيڪ صنعتن  ۾ چائنا موٽرسائيڪل تيار ڪيون پيون وڃن

محمد شاهد  چيو ته  چونگ چنگ چين جو شهر آهي، جتي موٽرسائيڪل انجن ۽ پارٽس جي انڊسٽري قائم آهي، جڏهن ته معاهدي جي تحت چائينيز ڪمپنيون 400 ملين ڊالر تحت حيدرآباد ۾ سيڙپڪاري ڪنديون.

چائنا جي صنعتڪار چانگ يانگ چيو ته حيدرآباد جي صنعتڪارن سان معاهدو ڪري ڏاڍي خوشي ٿي آهي

هن چيو ته  گڏجي ڪم ڪيو ويو  ته  پئسو  به ايندو ۽ روزگار به ملندو، جڏهن ته  هو  سڀئي گڏجي حيدرآباد ۾ سڙيپڪارن کي آڻيندا.

هن جو چوڻ هو ته نومبر کان ٽيڪسٽائيل ايگريڪلچر تي به ڪم ڪيو ويندو، سي پيڪ ذريعي به  هو پنهنجو ترقياتي ڪم جاري رکندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ٽنڊوڄام:کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪيئن بازياب ٿي گهر پهتو؟ وارث حيران!!

*ٽنڊوڄام مان چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ٽنڊوڄام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے