21 اتوار , اکتوبر 2018

نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آصف زرداري کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان مدد گهري ورتي آهي. ذريعن موجب حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ن ليگ متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ ان ڏس ۾ ن ليگ قائد نواز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کان مدد گهري آهي. ن ليگ گڏيل اپوزيشن جي معاملي تي پيپلز پارٽي سان رابطو ڪيو، راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ ن ليگ جي وفد پ پ اڳواڻ نيئر حسين بخاري سان اهم ملاقات ڪري نواز شريف جو پيغام پهچايو ۽ ضمني چونڊن ۾ گڏيل اميدوار آڻڻ جي به درخواست ڪئي. ذريعن موجب راجا ظفر الحق جو چوڻ هو ته گڏيل حڪمت عملي تحت حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهجي ٿو، متحدا اپوزيشن لاءِ پيپلز پارٽي ساٿ ڏئي، گڏيل اپوزيشن تحت پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر اثرائتي انداز ۾ آواز اٿاري سگهجي ٿو. پ پ اڳواڻ نيئر حسين بخاري کيس چيو ته ن ليگ جو موقف پارتي قيادت وٽ پهچائيندس، صلاح مشوري کانپوءِ جواب ڏئي سگهجي ٿو، پ پ جو جمهوريت جي مضبوطي ۽ تسلسل لاءِ ڪردار تاريخي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارتي پارليامينٽ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ضمني چونڊن ۾ گڏيل اميدوار آڻڻ بابت جلد آگاهه ڪندس، جنهن پارٽي جو اميدوار رنر اپ آهي، اهو ئي اميدوار هجڻ گهرجي. راجا ظفر الحق چيو ته ن ليگ ۽ پ پ ۾ رابطا وڌندا، شهباز شريف سڀاڻي اسلام آباد پهچي رهيو آهي، ملاقات بابت نواز شريف کي آگاهي ڏيندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے