24 بدھ , اکتوبر 2018

گڏيل قومن جو جنرل اسيمبلي اجلاس سڀاڻي شروع، ٽرمپ ۽ روحاني جو خطاب

Iran is changing the way, negotiations are ready: Trumpنيو يارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ (سڀاڻي) اڱاري تي خطاب ڪندو. سڌ سماءَ جي عالمي ذريعن مطابق هو اربع تي سلامتي ڪائونسل جي ايٽمي عدم پکيڙ بابت هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت به ڪندو. ايراني صدر حسن روحاني به (سڀاڻي) صدر ٽرمپ کان ڪجهه ئي دير بعد جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ڪندو. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پوميو پنهنجي اتر ڪوريائي هم منصب سان 29 سيپٽمبر تي ملندو. ساڳي اجلاس لاءِ نيو يارڪ ۾ موجود ڏکڻ ڪوريائي صدر پنهنجي اتر ڪوريائي دوري جي نتيجن بابت آمريڪي صدر کي با خبر ڪندو. جنرل اسيمبلي جي 6 ڏينهن جي اجلاس ۾ 130 ملڪن جا مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهه شريڪ ٿيندا.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے