23 منگل , اکتوبر 2018

صبح سوير ننڊ مان جاڳڻ واري عادت سٺي صحت جي ضمانت آهي: ماهر

The early morning sleeping habits guarantee good health: Expertنارٿ ڪيورلائنا( ويب ڊيسڪ ) سٺي صحت لاءِ وقت تي ننڊ ڪرڻ ۽ وقت تي اُٿڻ واري عادت کي صحت لاءِ سدائين موزون قرار ڏنوويو آهي. هاڻ اها حقيقت سائنس به ثابت ڪري ڇڏي آهي.  مشهور سائنسي رسالي نيچر ۾ شائع ٿيل رپورٽ موجب ڊرهام ۾ قائم مشهور آمريڪي ڊيوڪ يونيورسٽي جي نفسيات واري شعبي جي ماهرن ان سلسلي ۾ 1900 وڏي عمر وارن ماڻهن جو ڊگهي عرصي تائين جائزو ورتو. ان تحقيق مان پتو لڳايو ويو ته وقت تي ننڊ نه ڪرڻ بي وقتائتو اُٿندڙ ماڻهو ڪيئي بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. سروي جي نتيجن مان معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو اُٿڻ ۽ جاڳڻ جا وقت قابو ۾ نٿا رکي سگهن اهي ايندڙ ڏهن ورهين ۾ ڪيترن ئي بيمارن ۾ وڪوڙجي سگهن ٿا جن ۾ وزن وڌي وڃڻ، بلڊ پريشر، شگر کانسواءِ فالج ۽ دل جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون. پروفيسر لنسفورڊ چيو ته اسان وقت سر ننڊ مان جاڳڻ جا فائدا ڄاڻو ٿا پر اسان پنهنجي تحقيق بعد حياتيات مان ان جا جواب حاصل ڪرڻ چاهيون پيا، سائنسي بنياد تي هاڻ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سمهڻ ۽ جاڳڻ ۾ باقاعدگي سان ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءَ پيدا ٿيندو آهي جيڪو دماغ کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. ان تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وڌيڪ بلڊ پريشر جي شڪار ماڻهو گهڻي دير تائين ننڊ ڪندا آهن ٿلها ماڻهو وقت کان اڳ جاڳي پوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

International experts identify 31 mysterious and cure diseases

بين الاقوامي ماهرن 31 پر اسرار ۽ لاعلاج بيمارين جو حل ڪڍي ورتو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) سموري طبي ترقي باوجود هاڻي به ترقي يافته ملڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے