20 ہفتہ , اکتوبر 2018

سرڪاري آفيسرن جي ٻٽي شهريت بابت درخواست جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن جي ٻٽي شهريت بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي مددگارن ۽ ڌرين جا تفصيل ٻڌي چڪا آهيون،  هڪ ڪيٽيگري اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي پيدا ئي پرڏيهه ۾ ٿيل آهن، ٻي ڪيٽيگري اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ ويا ۽ اتي شهريت ورتي جڏهن ته ٽين ڪيٽيگري اهڙن جي آهي جن سرڪاري نوڪري دوران ٻين ملڪن جي شهريت حاصل ڪئي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا ٽنهي ڪيٽيگرين سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. عدالت معاون شاهد حامد چيو ته پرڏيهي شهريت جو مقصد چرپر ۾ سولائي آهي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي پرڏيهي شهريت ڏيارين ٿا، حڪومت کي سڪيورٽي مسئلا نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو پوندو. عدالتي مددگار چيو ته سرڪاري ادارن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ آفيسر نه هئڻ گهرجن، بهتر هوندو ته عدالت حڪومت ۽ پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏي، اڄ تائين ڪنهن پاڪستاني جي شهريت رد نه ٿي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا کي شهريت رد ٿيڻ کان روڪيو هو. ان موقعي تي جسٽس عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪجهه عهدن تي ملڪ سان مڪمل وفاداري لازمي آهي، ڊاڪٽرن ۽ استادن جي ٻٽي شهريت ۾ عيب ناهي. چيف جسٽس چيو ته ملڪ کي دوکو ڏئي پرڏيهه ملڪيت ٺاهيندڙ اڄ به عهدن تي آهن، سرڪار آفيسر ٻاهر وڃي موڪلون وٺندا رهيا، فارغ ٿيڻ تي عدالت هليا ويا، هڪ ڊي آءِ جي ڪئنيڊا جي عورت سان شادي ڪئي، ظاهري طور ڊي آءِ جي جي ٻارڙن جي حوالگي جو معاملو عدالت ۾ آيو، اصل ۾ جهيرو ڪئنيڊا ۾ پئسن سان ٺهيل گهر جو هو.  هن چيو ته ملڪ لاءِ بدنامي جو سبب بڻجندڙن سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي، پاليسي ٺاهڻ جو اختيار حڪومت وٽ آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے