21 اتوار , اکتوبر 2018

يوٽيوب تي واهپيدار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙيون ويڊيوز ڏسي رهيا آهن؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گوگل جي ويڊيو شيئرنگ سائيٽ يوٽيوب واهپيدارن لاءِ مواد دريافت ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه وڏيون تبديليون خاموشي سان ڪري ڇڏيون آهن. هاڻ يوٽيوب جي ٽرينڊنگ سيڪشن کي 5 ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويو آهي، موسيقي، لائيو، گيمنگ، موويز ۽ هڪ مين سيڪشن. ياد رهي ته ٽرينڊنگ ويڊيوز يوٽيوب ويب سائيٽ تي ساڄي پاسي هونديون آهي پر يوٽيوب ايپ ۾ هيٺان هوم جي ويجهو ۾ ڏسي سگهجي ٿي.ان کان اڳ يوٽيوب ٽرينڊنگ ۾ رڳو اهي ويڊيوز ڊسپلي ڪيون وينديون هيون جيڪي واهپيدارن جي ملڪ ۾ وڌيڪ ڏٺيون وينديون هيون. يوٽيوب موجب سائيٽ جو الگورٿم ان ويڊيوز لاءِ تعين لاءِ  ڪيترن ئي عنصرن کي نظر ۾ رکندو آهي، جهڙوڪ ويو ڪائونٽ ۽ ٻيا.هاڻ يوٽيوب ۾ سمورين ڪيٽيگرين ۾ الگورٿم انهن سمورن عنصرن کي نظر ۾ رکي ڪري لاڳاپيل موضوع جي سڀ کان وڌيڪ ٽرينڊ ٿيندڙ ويڊيوز کي ڏيکاري رهيو آهي. ان کانسواءِ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪهڙي ويڊيو سڀ کان وڌيڪ ٽرينڊ ٿي رهي آهي. ان نئين تبديلي جو مقصد يوٽيوب طرفان واهپيدارن کي تازو ترين مواد تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي جيڪو عام طور تي هوم پيج تي نظر ناهي ايندو. جهڙوڪ لائيو ٽرينڊنگ ۾ مختلف نيوز چينلن جي لائيو نشريات يا ايشيا ڪپ جي مئچ جي ڪمنٽري ۽ اسڪور وغيرا ڏيکاريو پيو وڃي. موسيقي ۾ مختلف گيت ڏسي سگهجن ٿا جيڪي يوٽيوب جي خيال ۾ پاڪستاني وڌيڪ شوق سان ڏسي رهيا آهن.مويز تي فلمن جي ٽريلرن جو راڄ نظر اچي رهيو آهي جڏهن گيمنگ ۾ مختلف گيمن جون ويڊيوز موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطب اتر جي مستقل برف جو اڌ حصو ختم ٿي چڪو آهي: ناسا

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو وڏو انگ آب هوا ۾ تبديلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے