20 ہفتہ , اکتوبر 2018

قومي هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ بعد پرڏيهي ٽرينر به عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي

After the National Hockey Team Hockey, the foreign trainer would also resign from the postلاهور ( اسپورٽس نيوز ) ڊچ ڪوچ رولنٽ اولٽمنز جي استعفيٰ بعد قومي هاڪي ٽيم جي پرڏيهي ٽرينر به استعفيٰ ڏئي ڇڏي. آسٽريليا سان واسطو رکندڙ ڊينيئل بيري کي رولنٽ اولٽمنز جي سفارش تي ئي قومي ٽيم سان گڏ سالهاڙيو ويو هو. ڊينيئل 23 اپريل 2018 تي ٽيم کي جوائن ڪيو هو. ايبٽ آباد ۾ پهريون ڀيرو رانديگرن جي فزيڪل ڪنڊيشنگ ڪيمپ ۾ ذميواريون نڀايون.پرڏيهي ڪوچ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته 5 مهينن ۾ رانديگرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو يادگار رهيو، وڏي ڏک سان ٽيم جي ذميوارين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، محنت جاري رکو ته جيئن توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي سگهو. جيڪڏهن ڪنهن رانديگر کي منهنجي رهنمائي جي ضرورت هجي ته مان حاضر آهيان. پي ايڇ ايف حسن سردار کي رولنٽ اولٽمنز جي جاءِ تي چيف ڪوچ مقرر ڪيو آهي، هاڻ ايشين چيمپئنز ٽرافي لاءِ سڀاڻي کان لاهور ۾ شروع ٿيندڙ ڪيمپ لاءِ ملڪي ٽرينر جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. ايشين چيمپئنز ٽرافي 18 آڪٽوبر کان مسقط عمان ۾ شروع ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

I see a new number 1 Test bowler coming... Mohammad Abbas

محمد عباس ڊيل اسٽين کي به پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو

جوهانسبرگ( اسپورٽس نيوز ) ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين به محمد عباس جو مداح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے