24 بدھ , اکتوبر 2018

سرفراز بهترين ڪپتان آهي، اهڙا رانديگر روز روز پيدا ناهن ٿيندا: سارو گنگولي

Sarfraz Ahmed is a perfect captain, but these will not be born on the day of the day: sourav gangulyدبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارت خلاف ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ 5 ڏينهن ۾ 2 مئچ هارائيندڙ پاڪستان ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ڪپتان سرفراز احمد کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيتوڻيڪ سرفراز احمد سپر فور مرحلي ۾ دبئي ۾ چوٿين نمبر تي کيڏندي 44 رنسون اسڪور ڪيو، پر بطور بيٽسمين سرفراز احمد جي اهليت تي ڪرڪيٽ تجزيه نگار سوال اُٿاري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد جي بچاءَ ۾ ميدان تي اچي ويو .نجي ٽي وي چينل تان نشر ٿيندڙ پروگرام” پاڪ ڀارت ٽاڪري“ ۾ ڳالهائيندي سارو گنگولي چيو ته سرفراز احمد هڪ بهادر ۽ وڏي دل وارو رانديگر آهي خاص طور گذريل سال چيمپئنز ٽرافي ۾ وڪيٽ ڪيپر ڪپتان طور سرفراز احمد جنهن نموني ٽيم کي کيڏايو اهو  ڪمال هو. سارو گنگولي جو چوڻ هو ته هو پاڻ به ڪپتان رهيو آهي، جيڪڏهن ٽيم جي ڪاڪردگي ۾ لاها چاڙها ايندا آهن ته ان جو سڌا سنئوان اثر ڪپتان تي پوندا آهن. کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ سارو گنگولي ان ڳالهه تي به حيرت جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ٽيم ۾ هر سريز ۾ ٻه کان چار نوان رانديگر شامل ٿي رهيا آهن. گنگولي ڀارتي ٽيم جي حوالي سان چيو آهي ته انگلينڊ کان ٽيسٽ سريز ۾ ناڪامي بعد روهت شرما، مهندرا سنگهه ڌوني ۽ شيکر ڌون جي مستقبل لاءِ ايشيا ڪپ اهميت رکي ٿو. سارو گنگولي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي مشورو ڏنو ته ڪپتان طور سرفراز احمد کي اعتماد ۽ حوصلو ڏيو، ڇاڪاڻ جو سندس خيال ۾ پاڪستان ٽيم جي تازين ڪاميابين ۾ سرفراز احمد جي فيصلن جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته سرفراز احمد جهڙا ڪرڪيٽر روز روز پيدا ناهن ٿيندا. ياد رهي ته سارو گنگولي 1992 کان 2008 تائين ڀارت لاءِ 113 ٽيسٽ، ۽ 311 ون ڊي مئچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي جڏهن ته هن 49 ۽ 147 ون ڊي مئچن ۾ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرفراز جي فٽنيس ۾ سڌارو، ڪينگروز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي فٽنيس ۾ بهتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے