20 ہفتہ , اکتوبر 2018

العزيزيه ريفرنس: نواز شريف کي 3  ڏينهن حاضري کان ڇوٽ، واجد ضياءَ کان آڏي پڇا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  احتساب عدالت العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ٽن ڏينهن لاءِ حاضري ڇوٽ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پاناما جي آءِ ٽي جي سربرهاه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي.  احتساب عدالت نمبر 2 جي جج ارشد ملڪ نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي خواجه حارث نواز شريف جي حاضري کان پنجن ڏينهن جي ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جيل مان آزادي کانپوءِ  نواز شريف کي ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي سبب ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا آهي تنهن ڪري کيس پنجن ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي ته جيئن هو تڪليف مان ٻاهر اچي سگهي.  نواز  شريف جي وڪيل چيو ته ٽرائل ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿيندي، اسان هتي موجود آهيون. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته غير معمولي حالتن ۾ حاضري کان ڇوٽ ملي سگهي ٿي. احتساب عدالت جي جج چيو ته نواز شريف کي هاڻي 3 ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ ڏيون ٿا. ٻڌڻي دوران خواجه حارث جي آڏي پڇا جو جواب ڏيندي واجد ضياءَ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليوم 6 ۾ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز جي اڪائونٽس جي اسٽيٽ منٽ ڏئي رکي آهي پر اهو درست آهي ته سندس دستاويزن تي لاڳاپيل بئنڪ آفيسر يا ڪنهن ٻي جو ٺپو ناهي. هن چيو ته اهو درست آهي ته واليم 6 ۾ ڏنل بئنڪ چيڪس سان ڪو به تصديقي سرٽيفڪيٽ نه لڳايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے