18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڀارت ستلج، راوي ۽ چناب ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو، ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ستلج، راوي ۽ چناب درياءَ ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن بعد دريائن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ لڳي آهي، جڏهن ته سيالڪوٽ ۾ ڇور واري هنڌ تي نالا ڊيڪ ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ بعد نالا ڊيڪ ۾ مٿين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن ته پنجاب جي شهر شڪر ڳڙهه ۾ بئين نالي ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي ايڪڙ فصل لڙهي ويو.  فتح پور نينان ڪوٽ روڊ تي پل ٽٽڻ سبب رابطو ڪاٽا ٿي ويو. ٻوڏ جو پاڻي پنڊي چڪڙا، ننگل، بورا ڊلا جي فصلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو جڏهن ته بوعا واري هنڌ هوڊلا نالي ۾ ٻوڏ آهي. اهڙي نموني مٿين علائقن ۾ مسلسل برساتن سبب نارووال جي ندي نالن ۾ ٻوڏ آهي، ٻوڏ جي صورتحال سبب آبپاشي کاتي اوج ۽ نالي ڊيڪ واري هنڌ فلڊ واچنگ ڪيمپ قائم ڪئي آهي. آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته ڊيڪ نالي ۾ مٿين درجي جي ٻوڏ آهي، ٻوڏ حفاظتي بندن وچ مان محفوظ نموني گذري رهيو آهي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ  ضروري مشينري ۽ عملو موجود آهي. آبپاشي کاتي موجب اوج نالي تي ٻوڏ جو وهڪرو نهايت ٻوڏ جي صورتحال جي ليول 3 فوٽ تان گذري رهيو آهي، جتي موجوده ليول 861 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته هيڊ مرالا تي چناب ۾ پاڻي جي سطح 88 هزار 364 ڪيوسڪ آهي هن وقت پاڻي معمول موجب گذري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهانگير ترين وري سرگرم، آزاد ايم پي اي بلاول اصغر پي ٽي آءِ ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ننڍي چونڊ ۾ آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے