17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ڏيپلو: ڪڻڪ ورھائڻ جو عمل شروع،40 سيڪڙو خاندان امداد کان محروم

Deplo: Wheat distribution among needy*ڏيپلي ۾ڪڻڪ ورھائڻ جو عمل شروع  ٿي ويو آهي،  نادرا کان ورتل لسٽ ۾ 40 سيڪڙو خاندان  سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل نه هجڻ ڪري امداد حاصل ڪري نه سگهيا.

ھر شادي شد ماڻهو تعلقي ھيڊ ڪواٽر شھر جي گدام تان ڪڻڪ حاصل ڪرڻ جي شرط لاڳو ٿيڻ کان پوءِ غريب پريشان آهن .

ڏڪار سبب لڏ پلاڻ ڪري ويل ڪٽنب  ۽ ڪيترائي پيرسن به امدادي  ڪڻڪ حاصل  نه سگھندا

ڏيپلي تعلقي جي سوين ڳوٺن جا ھزارين ڪٽنب  ڏورانهن علائقن کان 50 ڪلو ڪڻڪ لاءِشھر اچڻ تي 5 سئو کان مٿي خرچ ڪري ۽ گدام تي به 2،2  ڏينهن انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڪڻڪ حاصل ڪندا.

روينيو کاتي ۾ ملازم گھٽ ھجڻ ڪري استادن کي به ساڻس ڊيوٽي تي لڳايو ويو آھي جنهن سان اسڪولن جي ٻارڙن جي تعليم پڻ متاثر ٿيندي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے