20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو: صحافي آڪاش زنئور کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج

Mirpurbathoro: protest against threats to Akash Zanwar*ميرپوربٺورو جي صحافي آڪاش زنئور کي ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايس پي سجاول جي پي ايس او خلاف صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو .

صحافي آڪاش زئور کي ايس ايس پي مسعود ڀنگش جي پي ايس او مظفر خالدي جي ڏنل ڌمڪين خلاف صحافي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻن امتياز علي سومرو، حاجي موسا کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

اڳواڻن چيو ته ضلعي سجاول ۾ منشيات ۽ گٽڪن جي فيڪٽرين تان لکين رپيا ڀتو وصول ڪندڙ ايس ايس پي مسعود ڀنگش جي پي ايس او مظفر خالدي پاران صحافي کي ڌمڪيون ڏيڻ جي هو مذمت ڪن ٿا.

 قلم ڌڻين مطالبو ڪيو ته صحافي کي ڌمڪيون ڏيندڙ پي ايس او مظفر خالدي کي 26 سيپٽمبر تائين نه هٽايو  ويو ته ايس ايس پي سجاول جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | سوڀيديري ۾ واپاري سان ٿي ڪهڙي ويڌن؟ جو ٿيو سراپا احتجاج ؟بااثر آهي ڇا ٿيو؟

سوڀيديري ۾ واپاري پاران بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو. واپاري راشد علي مڱڻيجو  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے