22 پیر , اکتوبر 2018

سلطنت جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهيان پر وزن 30 ڪلوکان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي، انٽرٽينمنٽ سان ڀرپور ”دي ڊونڪي ڪنگ“ جو ٽريلر جاري

ڪراچي ( شوبز نيوز) اينيميٽڊ فلم” ڊي ڊونڪي ڪنگ“ جي گذريل مهيني ريليز ٿيندڙ ٽيزر ۾ منگو ڌوٻي جي خواب ۾ بادشاهه بڻجي وڃڻ واري ڪهاڻي ته مداحن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو ۽ هاڻ ان جو ٽريلر کي به مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. فلم جي ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ”آزاد نگر“ جي بادشاهه (شينهن) جي ريٽائرمنٽ جو وقت ويجهو آهي ۽ هو پنهنجي بادشاهت ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ  چاهي ٿو. مختلف جانور پاڻ کي ان عهدي لاءِ اهل ثابت ڪندا آهن پر ان سڄي صورتحال ۾ هڪ چالاڪ لومڙي کي منگو ڌوٻي(گڏهه) جو خيال ايندو آهي ۽ هوءَ ان جو نالو پيش ڪري ڇڏيندي آهي.  منگو اهو ٻڌي ٿورو گهٻرائجي ويندو آهي ۽ چوندو آهي ته مونکان اهو نه ٿيندو، مان گڏهه ئي ٺيڪ آهيان، پر پوءِ هو ان لاءِ تيار ٿي ويندو آهي ۽ لومڙيءَ کي چوندو آهي ته مان سلطنت جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهيان پر وزن 30 ڪلو کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي. ٽريلر ۾ هڪ موقعي تي لومڙي جو هڪ ڊائيلاگ آهي جنهن ۾ هو چوي ٿي ته وقت تي ته گڏهه کي به پيءُ بڻائڻو پوندو آهي، اسان ته رڳو کيس بادشاهه ئي بڻايو آهي. ان ٽريلر ۾ موسيقي جو تڙڪو به شامل آهي، جتي منگو بادشاهه ”ڊونڪي راجا اب بجي گا سب ڪا باجا“ تي رقص ڪندي نظر آيو.واضح رهي ته ان فلم ۾ جان ريمبو منگو جڏهن ته حنا دلپذير لومڙي جي صداڪاري ڪئي آهي. ٻين صداڪارن ۾ جاويد شيخ، عديل هاشمي، شفاعت علي، غلام محي الدين، فيصل قريشي، شبير جان، ماني، اسماعيل تارا ۽ عرفان کوسٽ شامل آهن. جيو فلمز ۽ ٽيلسسمين اينيميشن اسٽوڊيو جي گڏيل پيشڪش”دي ڊونڪي ڪنگ“ 13 آڪٽوبر تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز ۾ ڪا زبردستي نه پر سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيندو آهي: شلپا شندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شلپا شندي بالي ووڊ ۾ پکڙيل ”مي ٽو“ مهم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے