20 ہفتہ , اپریل 2019

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffsواشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو ڪري معاشي جنگ جهيڙي ڇڏي آهي. آمريڪا چين جي 200 بلين ڊالرن جي شين تي 10 سيڪڙو جڏهن ته چين آمريڪا جي 60 بلين ڊالرن وارين شين تي 5 کان 10 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪيو آهي.چين آمريڪا کي موسمياتي خوراڪ، ميوا، بيس بال گلوز، نيٽ ورڪ، رائوٽرز، اليڪٽرانڪس اوزارن ۽ انڊسٽري جي مشينري جا پرزا وڪرو ڪندو آهي، جڏهن ته آمريڪا چين کي گوشت، ڪيميڪل، ڪپڙا ۽ آٽو پارٽ فراهم ڪندو آهي. ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بعد شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي ويندي جنهن سان ان جي خريداري ۾ گهٽتائي اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٽرمپ انتظاميا طرفان چين تي لاڳو نئين ٽيرف جي رقم تقريبن چين جي وڪرو ٿيل شين جي اڌ جي برابر آهي ۽ هلندڙسال جي پڄاڻي تائين چيني شين تي ٽيرف کي 10 سيڪڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو تائين آندو ويندو.آمريڪا طرفان چين تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ کين سبق سيکارڻ لاءِ آهي جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ ويجهڙائي ۾ چئي چڪو آهي ته چين غيرمنصفاڻي وپاري سرگرمين ۾ ملوث آهي جنهن کي دانشمداڻي چوري چئي سگهجي ٿو. هوڏانهن چين آمريڪي الزامن کي رد ڪندي الزام مڙهيو آهي ته آمريڪا تحفظ واپار جو شڪار آهي ۽ مدمعاشي ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته چين سال 2017 ۾ تقريبن 506 بلين ڊالرن جون شيون آمريڪا برآمد ڪيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان ۽ طالبان وچ ۾ٿيندڙ ڳالهيون ملتوي…..

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ۽ افغان نمائيندن وچ ۾ قطر ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ملتوي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے