21 اتوار , اکتوبر 2018

نقيب الله قتل ڪيس: رائو انوار کي 8 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم

Naqiq murder case: Former SSP Malir Rao Anwar passed a petition requestڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج تي بي اعتمادي بابت درخواست تي اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي وڪيل کي جواب لاءِ 8 آڪٽوبر تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج تي بي اعتمادي بابت درخواست تي اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي وڪيل کي جواب لاءِ 8 آڪٽوبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ جي روبرو نقيب الله قتل ڪيس ٻڌڻي ڪندڙ جج تي بي اعتمادي بابت درخواست تي اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو.رائو انوار جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت رائو انوار جي وڪيل کي 8 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.  چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته وڪالت نامي کانسواءِ 4، 4 وڪيل تاريخ گهرڻ اچي ويندا آهن، توهان سمجهو ٿو ته هن ڪيس کي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏينداسين، تاريخ نه ملندي، وڃو ۽ هاڻي ئي وڪالت نامو جمع ڪرايو جنهن تي عابد زبيري پاران وڪالت نامو جمع ڪرايو ويو. داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اي ٽي سي نمبر 2 عدالت تي اعتماد نه رهيو آهي، اي ٽي سي نمبر 2 تعصب ۽ ڌر هئڻ جو مظاهرو ڪري  رهي آهي، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت رائو انوار ٻين جوابدارن کي غير معمولي رعايتون ڏنيون آهن، اسان جي اعتراضن باوجود جوابدارن جون ضمانتون معطل ڪيون ويون آهن، رائو انوار هن وقت معطل آهي. اي ٽي سي عدالت پهريون ئي فيصلي ۾ ترميم ڪري ڇڏي، اي ٽي سي عدالت کي ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے