20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڀارت تي هر قسم جي معاشي ۽ واپاري پابندين لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ڀارت خلاف معاشي ۽ واپاري پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مودي ۽ ڀارتي آرمي چيف شيطاني ۽ ننڍي سوچ رکندڙ آهن. ڳالهين کان انڪار ۽ ڀارتي آرمي چيف جي ڌمڪين تي پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبر مسرت جمشيد چيما طرفان ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڀارت جي مودي سرڪار ۽ بي لغام بزدل آرمي چيف جو مڪروهه چهرو دنيا اڳيان بي نقاب ٿي ويو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته مودي ۽ ڀارتي آرمي چيف شيطاني ۽ ننڍي سوچ رکندڙ آهن، جيڪي پنهنجي سياسي ۽ فوجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ ڪشميرين جي قتل عام ۾ ملوث آهن. ٺهراءَ موجب وزيراعظم عمران خان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ ان ئي سوچ کي نظر ۾ رکندي هن ڀارت سان لاڳاپن بابت هڪ قدم وڌائڻ جي ٻه قدم اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي عالمي سطح تي سٺي موٽ ملي ۽ پاڪستان جي ان جذبي کي ساراهيو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته مودي تي ڪرپشن جا الزام آهن، کيس چونڊن ۾ پنهنجي واضح شڪست نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري هو پاڪستان سان مصنوعي جنگي صورتحال ظاهر ڪري سياسي فائدو حاصل ڪرڻ گهري ٿو، ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي ڀارتي آرمي چيف جا بيان آهن، هو هڪ ڀيرو ٻيهر مودي حڪومت لاءِ پاڪ – ڀارت جنگ شروع ڪري پنهنجا سياسي عزم پورا ڪرڻ چاهي ٿو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪ فوج، هر سياسي پارٽي ۽ هر پاڪستاني شهري ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، مسئلن جو حل ڳالهيون آهن پر پاڪستان جي عظيم فوج ۽ باوقار عوام ڪنهن به قسم جي جارحيت جو جواب ايٽمي قوت هجڻ جي مناسبت سان ڏيڻ ڄاڻي ٿو. قرارداد ۾ وفاقي حڪومت ذريعي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ٻين عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارت جي هٺ ڌرمي جو نوٽيس ورتو وڃي، مودي سرڪار ۽ ڀارتي آرمي چيف خطي جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ پاڪستان خلاف جنگي جنون ۾ مبتلا آهي، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، ان سڄي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀارت تي هر قسم جون معاشي ۽ واپاري پابنديون لاڳو ڪيون وڃن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے