22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز | گهارو: پيلپز ليبر يونين پاران واٽر بورڊ جي انتظاميا خلاف احتجاج

گهاري ۾پيلپز ليبر يونين پاران واٽر بورڊ جي انتظاميه جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پمپنگ اسٽيشن جي مُک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو .

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ آئوٽ اسٽيشن جي ملازمن مقصود، نظير جوکيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾  پروموشن نه ڏيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن چيو ته واٽر بورڊ انتظاميه آئوٽ اسٽيشن جي سينئر ملازمن کي نظر انداز ڪري من پسندماڻهن کي غير قانوني طور پروموشن ڏيئي نوازي زيادتي ڪئي آهي .

2012 جي حقدار ملازمن کي پروموشن لسٽ ۾ نظراندازڪري انهن سان وڏي زيادتي ڪئي ويئي آهي.

ليبر يونين اڳواڻن صوبائي. وزير بلديات کان مطالبو ڪيوآهي ته واٽربورڊ جي تعصب پرست انتظاميه جي زيادتين جونوٽيس وٺي آئوٽ اسٽيشن جي ملازمن جا پروموشن بحال ڪري  ڊي پي سي ٽو 2012  کي فوري طوربحال ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے