21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | عادلپور:  اسڪول جي راندين جي ميدان تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج

عادلپور ۾  اسڪول جي راندين جي ميدان  تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو .

گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاکو لنجار جي گرائونڊ تي مبيناقبضي خلاف سياسي سماجي ڪارڪنن استاد فدا حسين لنجار ، محمد دين سومرو ، بشير احمد سومرو، صدورو لنجار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي  تي خطاب ڪندي  اڳواڻن  الزام هنيو  ته اسڪول جي گرائونڊ تي ڳوٺ جي بااثرن محمد شريف لنجار، فيض محمد لنجار ،تاج محمد لنجار ۽ ٻين قبضو ڪري ورتو آهي.

ھنن سيشن جج گھوٽڪي، ڊي سي گهوٽڪي، ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته اسڪول جي راندين جي ميدان تان قبضو ختم ڪرايو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : ٽنڊوڄام: برطرف ملازمن جو انتهائي قدم، انتظاميھ پريشان

* ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ برطرف ٿيل 69 ملازمن پاران بلاجواز ۽ جبري برطرفي خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے