16 منگل , اکتوبر 2018

حڪمرانن عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وِڌي، گئس اگهن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيبملي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مني بجيٽ جي صورت ۾ عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو، غريب جو چُلهو ٻَرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، گئس اگهن ۾ ڪيل اضافو واپس ورتو وڃي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ن ليگ صدر چيو ته اسان 5 سالن ۾ گئس جي قيمت نه وڌائي، گهريلو واهپيدارن لاءِ 147 سيڪڙو گئس مهانگي ڪئي وئي آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن چيو ته اسد عمر پڙهيل لکيل ماڻهو آهي، اهڙي عوام دشمن بجيٽ جي اميد نه هئي، گئس تي هلندڙ پاور پلانٽس تي 57 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان آمدني گهٽجندي ۽ صنعتن کي نقصان پهچندو. سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت اربين رپيا سبسڊي ڏئي هارين کي سستو ڀاڻ فراهم ڪيو پر موجوده حڪومت انهن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، حڪومت ڀاڻ جي ڪارخانن لاءِ گئس جي قيمت وڌائي ڇڏي. شهباز شريف دعويٰ ڪئي ته ن ليگ سستي بجلي جا هزارين ميگا واٽ منصوبا لڳايا، هاڻ گئس جي قيمت وڌڻ سان بجلي اگهن ۾ به اضافو ٿيندو، تبديلي جو نعرو هڻندڙن الف ليليٰ جا داستان ٻڌايا، پروٽوڪول نه وٺڻ ۽ سادگي جي ڌوڙ اکين ۾ وڌي وئي. هن تحريڪ انصاف حڪومت جي پاليسين تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته قوم کي وڏا خواب ڏيکاريا ويا، پي ٽي آءِ بهترين ٽيم جو اعلان ڪيو هو پر اڄ ذاتي ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي جو عظيم منصوبو آهي، ان تي حڪومتي حلقن جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي ملڪ دشمني برابر آهن، چيني پرڏيهي جي سٺي نموني آجيان نه ڪئي وئي. شهباز شريف چيو ته ڪميشن ڌانڌلي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ جلد ايون ۾ پيش ڪري.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے