16 منگل , اکتوبر 2018

شهيد برهان واني کي حريت پسند سمجهندا آهيون: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو اهي ته پاڪستان شهيد برهان الدين واني کي حريت پسند سمجهندو آهي ۽ جيڪا ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، هو انهن ئي خيالن جو مظهر آهي. سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ وڙهندڙ سمورا ڪشميري حريت پسند آهن، وادي جو عوام ڀارت جي جبر جو مقابلو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دل ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ ڌڙڪندي آهي، ڀارت کي پنهنجي اندر ۾ ڏسڻ گهرجي، ڪشمير هاڻ ڀارت جي هٿان نڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسان ڀارت جي اندرين حالتن سان متاثر ٿينداسين، ڀارت جو رويو اِهو ئي رهيو ته اسان جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، ملڪي سلامتي تي سڄي قوم اڻ ٽٽ ڀتِ جيان بيهندي.  فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير جو آهي، ان کان سواءِ ڀارت سان ڪا به ڳالهه نه ٿيندي. هن چيو ته هڪ طريقو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کليل نموني جنگ وڙهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے