21 اتوار , اکتوبر 2018

گيس جي اگهه ۾ واڌ جو بار غريبن تي نه پر اميرن تي وڌو ويو آهي: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر شهباز شريف جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته گيس جي اگهن ۾ واڌ جو بار غريبن تي نه پر اميرن تي وڌو ويو آهي، واڌ سان عام صارف متاثر نه ٿيندا. اسد عمر قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي اِهو اقرار ڪيو ته معيشت جي بحالي لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، گذريل مهيني دوران عالمي مارڪيٽ ۾ به گيس جي اگهن ۾ ڪيترو ئي سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ناڻي واري وزير شهباز شريف جي تقرير جي جواب ۾ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چوي ٿو ته نئين حڪومت لاءِ هن ڪو به چيلينج ناهي ڇڏيو، آئون کيس ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته گذريل حڪومت سمورو خسارو ئي ڇڏي وئي آهي. اسد عمر چيو ته گيس جي اگهه ۾ واڌ جو اثر هارين تي نه وڌو ويندو، گيس جي مد ۾ 154 ارب رپين جو خسارو نواز حڪومت جو پيدا ڪيل آهي. بجلي جي نظام ۾ به هڪ سال دوران 453 ارب جو خسارو ٿيو، اهو خسارو گذريل حڪومت ڏنو. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته اميرن جي لاءِ گيس اگهه 145 سيڪڙو وڌائينداسين، اوگرا ٻڌايو ته خسارو 154 ارب رپين جو آهي، اگهه ۾ 45 سيڪڙو واڌ ضروري آهي، اسان جي حڪومت ڀاڻ جي قيمت ناهي وڌائي، اِهو اي سي سي ۾ لکيل آهي، ڀاڻ تي 6 کان 7 ارب رپين جي سبسڊي ڏينداسين. اسد عمر چيو ته ڪابينا جي پهرين اجلاس کان پوءِ ڦريل پيسو وطن واپس آڻڻ وارو ڪم شروع ٿي ويو آهي قوم جي ڦريل دولت کي واپس آڻڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته اڃان حڪومت کي رڳو هڪ مهينو ٿيو آهي، اڳتي ڏسجو ڇا ٿيڻ وارو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے