11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ | بدين : بيمار چنگ نواز غلام حيدر کوسو اسپتال مان بيدخل، سهائتا جي اپيل

سنڌ کي صوفين جي نگري، پيار، محبت ۽ امن جي ڌرتي سميت سنگيت پريمين جو وطن به ڪوٺيو وڃي ٿو پر هتي سرڪار فنڪارن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.

فالج جي مرض سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿيل بدين واسي چنگ نواز غلام حيدر کوسي کي حيدرآباد سول اسپتال مان هڪ هفتو بعد اچڻ جو چئي بيدخل ڪيو ويو آهي.

چنگ وڄائي ماڻھن کي جھومائي ڇڏيندڙ غلام حيدر کوسي کي ڪجهھ ڏينھن اڳ دل جي تڪليف ٿي پئي، جنھن ڪري کيس ٽنڊو محمد خان ۽ بعد ۾بدين اسپتال آندو ويو پر سندس حالت بھتر نه ٿي سگھي.

غلام حيدر کوسي تي فالج جي حملي سبب سندس ساڄي پاسي واري ٻانھن ۽ ڄنگهه  سڪي وئي آهي ۽ هي فنڪار هلڻ ڦرڻ ۽ ڳالھائڻ جي سگهه به وڃائي ويٺو آهي.

گذريل ڏينهن بيمار فنڪار کي بدين جي انڊس اسپتال مان حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو ويو هو، جتان کيس اڄ صبح هفتي کانپوءِ اچڻ جو چئي گهر موڪليو ويو آهي.

بيمار چنگ نواز کائڻ پيئڻ به بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ سندس حالت خراب آهي، ڳالهائڻ جي سگهه نه هجڻ ڪري هو ڪنهن کي معيار ته نٿو ڏئي پر سندس اکين مان نير وهندا رهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے