24 بدھ , اکتوبر 2018

ملڪ ۽ ڪٻاڙ جو دڪان هلائڻ ۾ فرق آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۽ ڪٻاڙ جو دڪان هلائڻ ۾ فرق آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اثاثا وڪڻڻ ۽ مسواڙ تي ڏيڻ سان تبديل يناهي ايندي. هن ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ ليز تي ڏيڻ واري معاملي تي حڪومت تي تنقيد ڪئي، مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اِهو افسوس جوڳو امر آهي ته ريڊيو پاڪستان ملڪ جي قائم ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ ليز تي ڏيڻ ريڊيو پاڪستان تي سڌو سنئون حملو آهي، اسان ائين قطعي نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته اِهو فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قانون سازي جي ذريعي ئي ممڪن آهي، ان ۾ ڪو هڪڙو فرد فيصلو نٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته شين کي اهڙي ريت ليز تي ڏيڻ قبول ناهي، حڪومت کي هلائڻ جا پنهنجا تقاضا هوندا آهن، ان کي دڪان جيان نٿو هلائي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے