18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستاني اسٽارٽ اپ عالمي ايوارڊ کٽي ورتو

شنگهائي (ويب ڊيسڪ) صحت بابت پاڪستاني اسٽارٽ اپ ”مرهم“ شنگهائي ۾ ٿيندڙ گوگل ڊيمو ڊي ايشيا ۾ آڊيئنس چوائس ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙن کي 10 اسٽارٽ اپس مان پنهنجي پسنديدا جي چونڊ ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو هو، جن ۾ انهن پاڪستاني اسٽارٽ اپ کي پنهنجو پسنديدا قرار ڏنو. ”مرهم“ ذريعي پاڪستان ۾ عوام آن لائن ڊاڪٽرن سان رابطو ڪري سگهندو آهي، انهن کي ڳولي سگهندو آهي ۽ انهن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ وقت گهري سگهندو آهي. اهو اسٽارٽ اپ 3 سال اڳ شروع ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان ماڻهن جي تجربي کي بهتر بڻائڻ هو. اسٽارٽ اپ جي باني احسن امام ان ايوارڊ جو ڪريڊٽ پنهنجي سموري ٽيم کي ڏنو، سندس چوڻ هو ته ايوارڊ ملڻ کانپوءِ اسان جو حوصلو وڌيو آهي، پاڪستان لاءِ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا. واضح رهي ته ”مرهم“ اهو اڪيلو پاڪستاني اسٽارٽ اپ هو، جنهن کي گوگل ڊيمو ڊي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديوسائي ۾ برفباري سبب رابطو ڪاٽا، پرڏيهي سميت ڪيترائي سياح ڦاسي پيا

گلگت بلتستان ( ويب ڊيسڪ ) اترين علائقن ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے