16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | نواب شاهه: ايس ڊي او حيسڪو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، حيسڪو ملازمن پاران احتجاج جو چتاءُ

ايس ڊي او حيسڪو نوابشاهه مقتول ڪريم بخش ڏاهري جا قاتل پنج ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿيا، جڏهن ته  حيسڪو انجنيئرنگ اينڊ آفيسرز ايسو سي ايشن طرفان احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي .

حيسڪو انجينئرنگ اينڊ آفيسرز ايسو سي ايشن جا عهديدار صدر ڊاڪٽر عمران احمد شيخ، سينئر نائب صدر امتياز احمد قريشي، جنرل سيڪريٽري جلال الدين عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري شاهد سليم ۽ نوابشاهه جو زونل چيئرمين ذوالفقار علي ميمڻ مقتول جي ڳوٺ وارثن سان تعزيت ڪئي.

نوابشاهه پريس ڪلب  ۾ حيسڪو انجنيئرنگ  اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن  ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته شهيد ڪريم بخش ڏاهري  هڪ قابل ساٿي انجنيئر هو جنهن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته نوابشاهه پوليس غير ذميواري ۽ بيحسي جي انتها ڪري ڇڏي آهي ٽن قتلن جي واقعي کي پنج گذري ويا آهن پر اڃا تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو  آهي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پوليس ٻن ڏينهن اندر قاتل گرفتار نه ڪيا ته هو سخت احتجاج ڪندا…

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے