23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري ويا.

غريب آباد پاڙي ۾ موٽرسائيڪل سوار جوابدارن دڪاندار شنڪر لال گر بخش کان 40 هزار روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا.

اطلاع تي نئون ديرو ٿاڻي جي نئين آيل ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ھندو واپاري کان تفصيل ورتا.

نئون ديرو ٿاڻي تي آيل ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو جي مقرري جي پهرين ڏينهن ئي جوابدار ڦر ڪري ويا.

هوڏانهن شهرين پوليس عملدارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان جي صورتحال بهتر بڻائين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے