23 منگل , اکتوبر 2018

ڀارت گدڙ ڀڀڪين کان پاسو ڪري، حڪومت پارليامينٽ کان سواءِ ڪيئن ٿي ڳالهيون ڪري:مخالف ڌر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ته سڄي قوم دشمن جي سامهون اڻ ٽٽ ڀت بڻجي بيهندي. پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي مذمت ڪندي چيو ته آئون ان بيان جي سخت مذمت ڪيان ٿو، اِهو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. رضا رباني چيو ته عوام ۽ پاڪ فوج ڀارت جي ڀڀڪين ۾ اچڻ واري ناهي، جنگ ٿي ته سڄي قوم دشمن جي سامهون اڻ ٽٽ ڀِت بڻجي بيهندي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انسان حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. رضا رباني چيو ته ڪنهن کي به اِهو عمل ناهي ته ڀارت جو پاڪستان بابت ڪهڙو موقف آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙين حالتن ۾ ڀارت سان ڳالهيون ڪرڻ درست هوندو.مشاهد الله چيو ته ڀارت ٻڌائي ته ڳالهين کان ڇو ٿو ڀڄي. حاصل بزنجو چيو ته حڪومت جلد بازي بدران نئين حڪومت جو انتظار ڪري. سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان شهيد برهان الدين واني کي حريت پسند سمجهندو آهي ۽ جيڪا ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، هو انهن ئي خيالن جو مظهر آهي. سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ وڙهندڙ سمورا ڪشميري حريت پسند آهن، وادي جو عوام ڀارت جي جبر جو مقابلو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دل ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ ڌڙڪندي آهي، ڀارت کي پنهنجي اندر ۾ ڏسڻ گهرجي، ڪشمير هاڻ ڀارت جي هٿان نڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسان ڀارت جي اندرين حالتن سان متاثر ٿينداسين، ڀارت جو رويو اِهو ئي رهيو ته اسان جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، ملڪي سلامتي تي سڄي قوم اڻ ٽٽ ڀتِ جيان بيهندي.  فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير جو آهي، ان کان سواءِ ڀارت سان ڪا به ڳالهه نه ٿيندي. هن چيو ته هڪ طريقو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کليل نموني جنگ وڙهي.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے