20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پاڻي چوري ٿيڻ جو اعتراف، ربيع دوران سنڌ ۾کوٽ 50 سيڪڙو ٿيڻ جو خطرو

اسلام آباد (آن لائن) ارسا پاڻي چوري ٿيڻ جو اعتراف ڪندي ربيع جي مند ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. سينيٽ ڪميٽي پاڻي جو شعبو وزيراعظم جي ماتحت ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪالهه آبي وسيلن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽ شميم آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو. جي ڊي اي جي سينيٽر مظفر حسين شاهه چيو ته سنڌ طاس ٺاهه تحت پاڻي سمنڊ ۾ ناهي ويو. جنهن سان ساحلي پٽي ختم ٿي وئي آهي. 28 سالن بعد به اها اسٽڊي مڪمل ناهي ٿي ته سمنڊ ۾ ڪيترو پاڻي وڃڻ کپي. ٺٽي ۽ بدين ۾ سمنڊ هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. ارسا ٻڌائي مارچ، اپريل ۽ مئي ۾ سنڌ کي ڪيترو پاڻي ڏنو ويو. پاڻي جي سخت کوٽ باوجود چشمه جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڇو کوليا ويا. اهي ٻوڏ وارا واهه آهن. عام موسم ۾ نه ٿو کولي سگهجي. ڪميٽي پاڻي جو اڀياس 2005ع ۾ مڪمل ڪرڻ باوجود رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. مظفر شاهه چيو ته اهي واهه سڌ جي مرضي کانسواءِ کوليا ويا. پاڻي کوٽ سبب سنڌ ۾ خريف ۾ 31 سيڪڙو گهٽ پوکي ٿي. ربيع جي مند شروع ٿيڻ واري آهي. پر خبر ناهي ته ڪيترو پاڻي ملندو. خريف ۾ پاڻي جي کوٽ 45 سيڪڙو هئي. ربيع ۾ خبر ناهي ڇا ٿيندو. ارسا چيئرمين چيو ته اهو ته قدرت جو نظام آهي پاڻي پيدا نه ٿو ڪري سگهجي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته توهان جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه پيون اچن. خبر ناهي ارسا جو ادارو ڇا پيو ڪري ۽ توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو. مهرباني ڪري سولي ٻولي ۾ ٻڌايو. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته ڪوشش ڪريان پيو ته توهان جون ڳالهيون سمجهان. واپڊا چيئرمين به ڌيان ڏئي. واپڊا چيئرمين مزمل حسين چيو ته ٻڌان يو جيڪو پڇندئو ٻڌائيندس. عثمان ڪاڪڙ چيو ته 1991ع کان ڪي پي ڪي جو کربين رپين جو پاڻي هڙپ ڪيو ويو. بلوچستان ۾ پاڻي نه هجڻ سبب باغ تباهه ٿي ويا آهن. ارسا وارن ٻڌايو ته هن سال منگلا 40 سيڪڙو ڀريو آهي. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته ملڪ ۾ ڊيم ٺاهيا وڃن کوڙ جاءِ موجود آهي. واپڊا بلوچستان ۾ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪيتريون فزيبلٽيون ٺاهيون. ڀاشا ڊيم لاءِ چندو ناهي ڏنو. چندي سان ڊيم نه ٺهندا. واپڊا چيئرمين چيو ته جڏهن به ڀاشا ڊيم جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو ورتو وڃي ٿو. اهڙي منصوبي کي نه ڇيڙيو وڃي. جنهن سان فيدريشن ڪمزور ٿئي. اسان کي پنهنجو پاڻ جو حق ڏنو وڃي. توهان کان پاڻي جي خيرات گهرون ٿا. اسان اڃ پيا مرون. هن ڪامورا شاهي جي رويي جي دانهن ڪندي چيو ته ڪميٽي ۾ پاڻي ورڇ بابت ٿيندڙ ڳالهيون غلط آهن. ارسا جو پاڻي ورڇ سان ڪو به واسطو نه آهي. ملڪ ۾ پاڻي ورڇ جو نظام مدي خارج آهي. پوري ڪميٽي ارسا ۽ واپڊا جي بريفنگ ٻڌايل سڀني سوالن جا جواب ملي ويندا. ملڪ جي ترقي آمر ايوب خان جي دور ۾ ٿي. هن چيو ته وزيراعظم کي تجويز ڏني آهي ته واپڊا وزيراعظم جي هٿ هيٺ ڏني وڃي. پاڻي جو مسئلو وزيراعظم پاڻ سنڀالي. پاڻي تي صوبن ۾ جنگ پئي ٿئي. سي پيڪ اولهه روٽ تي ڊي آءِ خان مان ڪوئيٽا لاءِ پاڻي جي پائيپ لائين گذاري وڃي. سڀ منصوبا مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا. ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي چيو ته ربيع ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو ٿيڻ جو خدشو آهي. 11239

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے