16 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم ڪراچي کي واڌو پاڻي جو حامي، ايل اين جي ٺاهه پڌرا ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل گذريل حڪومت ۾ ڪيل ايل اين جي ٺاهه پڌرا ڪرڻ جي منظوري ڏيندي پاڻي ورڇ لاءِ صوبن ۽ آبپاشي کاتي کان تجويزون گهري ورتيون آهن. وزيراعظم ڪراچي لاءِ واڌو پاڻي ڏيڻ جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته صوبن کي خودمختيار بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. وزيراعظم يقين ڏياريو ته اهم قومي معاملن ۾ صوبن کي گڏ کڻي هلنداسين، صوبن جي ترقي لاءِ انقلابي پروگرام رکن ٿا، وزيراعظم عمران خان يقين ڏياريو ته وسلين جي شفاف ورڇ ۽ هيٺين سطح تائين منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻائي عوام تائين ثمر پهچايو ويندو. وزيراعظم ڪراچي لاءِ 1200 ڪيوسڪ واڌو پاڻي لاءِ تجويزون گهرندي صوبائي حڪومتن ۽ پاڻي وزارت کان تجويزون گهريون آهن. وفاق ۽ صوبن جي خوراڪ اختيارين لاءِ هڪ جهڙو قانون بڻائڻ لاءِ به تجويزون گهري ورتيون آهن. بلوچستان ۾ توانائي منصوبن، ضرورتن ۽ وسيلن تي غور ڪيو ويو. ايل اين جي خريداري ۽ قيمت تي سنڌ ۽ وفاق ۽ سنڌ جي خدشن جو جائزو ورتوويو. اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جا معاملا حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جا نمائندا شامل هوندا، ان کان اڳ وزيراعظم سان چئني وڏن وزيرن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبن جي معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير توانائي بحران ۽ وسيلن جي ورڇ بابت غور ڪيو ويو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمند اگهه 250 مقرر ڪرڻ جو مطالبو:ڊالر جي چاڙهه سبب زراعت تي سبسڊي ڏئي سنڌ ۾ آبپاشي وزيرمقرر ڪيو وڃي:ايوان زراعت

حيدرآباد (رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ آبادگارن هر ڏينهن پاڻي جي کوٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے