24 بدھ , اکتوبر 2018

قاهرا ۾ سي پيڪ ڊائيلاگ ۽ ٽريڊ سمٽ جي شروعات، مصر پاڪستان کي سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

Capture the Cairo in the Cairo and traded Egypt to the Trade Summit, Egyptقاهرا( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ مصر جي تعلقات کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي مصر جي گادي واري شهر قاهرا ۾ ٻن ڏينهن وارن  سي پيڪ ڊايئلاگ ۽ ٽريڊ سمٽ جو آغاز ٿي ويو.ڪانفرنس جو انعقاد ڏکڻ ايشين اسٽريٽيجڪ اسٽيبلٽي انسٽيٽيوٽ( ساسي) طرفان ڪيو ويو آهي. جيڪا 25 سپٽمبر تائين جاري رهندي. ساسي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ماريه سلطان ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي منصوباندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير خسرو بختيار، مصر ۾ پاڪستان جو سفير مشتاق علي شاهه ۽ مصر جو منصوبابندي وارو وزير هالا السعيد به موجود هئا. منصوباندي ۽ ترقي واري وفاقي خسرو بختيار ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ رٿا 70 ملڪن کي پاڻ ۾ ڳنڊيندي. مصر به سي پيڪ مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي مصر به سي پيڪ رٿا ۾ پاڪستان کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. مصر جي منصوباندي واري وزير جو چوڻ هو ته مصر سي پيڪ مان ڀرپور فائدو کڻندو ۽ پاڪستان سان سهڪار ڪندو. واضح رهي ته مصر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1948 ۾ قائم ٿيا هئا ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد وچ اوڀر مان مصر اهو پهريون ملڪ هو، جنهن هتي پنهنجو سفارتخانو کوليو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے