16 منگل , اکتوبر 2018

ڪنهن به شيءَ کي ٽرانسميٽر بڻائڻ وارو اينٽينا اسپري

فلاڊيلفيا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ماهرن هڪ اهڙو انوکو اسپري ٺاهيو آهي جيڪو تمام آساني سان ڪنهن به شيءَ تي انيٽينا ٽبت ڪري ان کي ٽراسنميٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهيون جتي ننڍي شيءَ به وائرليس سان جڙيل آهي. وائرليس سان لاڳاپيل هي شيءَ لاءِ اينٽينا لازمي هوندي آهي ۽ تنهنڪري ڊريڪسل يونيورسٽي جي ماهرن هڪ انوکو اسپري تيار ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به شيءَ تي فوري طور تي اينٽينا ڇاپي سگهي ٿو. اينٽينا جي اهو بنهه نئون قسم آهي جيڪو ٽوڊ ايمينشنل نٽانيئم ڪاربائڊ مان تيار ڪيو ويو آهي ۽ بجلي جو بهترين ڪنڊيڪٽر آهي.جنهن کي ميڪسين جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو ريڊيو فريڪوئنسي جي رهنمائي ۽ خارج ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.ان کان اڳ ميڪسين کي سيڪنڊن ۾ جارچ ٿيندڙ تجرباتي بيٽرين ۾ استعمال ڪيو ويو هو. پر هاڻ ان کي ڊريڪسل جي ماهرن پائوڊر ۾ بدلايو آهي جيڪو پاڻي ۾ ملي ڪري روغن يا روشني ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. هاڻ ان کي ڪنهن به سطح تي اسپري ڪري اينٽينا ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو پوءِ کڻي ان جي صورت ڪهڙي به هجي.ان تي تحقيق ڪندڙ مرڪزي سائنسدان، ڊاڪٽر يوري گوگسي چيو آهي ته ورهين جي تحقيق باوجود انتهائي باريڪ ۽ ڪارآمد اينٽينا ٺاهڻ ۾ ڪا به ڪاميابي نه ملي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ ٽٽانيئم ڪاربائڊ مضبوط ۽ بهترين ڪنڊڪٽر ثابت ٿيو آهي جنهن سان تمام ننڍڙي اينٽينا ٺاهي سگهجي ٿي. ماهرن موجب تمام ننڍڙي هئڻ باوجود هي عام اينٽينا جيان ڪم ڪندي آهي. اهري طرح گرافين، چاندي جي روشني ۽ ڪاربن نيوٽيوبس مان ٺاهيل ٽو ڊائمينشنل اينٽينا جي ڀيٽ ۾ انهن جي ڪاڪردگي 50 سيڪڙو بهتر آهي. سائنسدانن موجب ان ايجاد سان مائيڪرو اليڪٽرونڪس ۾ هڪ انقلاب اچي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيسبڪ تي وڌيڪ هڪ سائيبر حملو، 3 ڪروڙ واهپيدارن جي معلومات چوري

نيويارڪ  (ويب ڊيسڪ) فيسبڪ چيو آهي ته مٿس هڪ وڏيو سائيبر حملو ٿيو آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے