18 جمعرات , اکتوبر 2018

مبينا پوليس مقابلي ۾ 10 ورهين جي امل جو موت: سپريم ڪورٽ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ گذريل مهيني ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 10 ورهين جي نينگري امل عمر جي مارجڻ جي ٻڌڻي دوران پوليس ٽريننگ ۽ قائدن ۾ ضروري ترميم، خانگي اسپتالن ۾ زخمين جي علاج ۽ واقعي جي ذميوارن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، بئريسٽر اعتزاز احسن، لطيف کوسا،  ايڊووڪيٽ عمائما ۽ ٻيا شامل آهن. چيف جستس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران امل جا والدين بينش ۽ عمر عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي نينگري جي امڙ بينش عمر واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي روئي ويٺي. هن ٻڌايو ته 13 آگسٽ تي ڪراچي ۾ اختر ڪالوني جي سگنل تي بيٺل هئا ته  هٿياربندن کين ڦريو ۽ ٿورڙي دير کانپوءِ پوئين اسڪرين تي گولي لڳي. هن چيو ته مان پوئتي ڏٺو ته امل سيٽ تي ليٽيل هئي ۽ ٻي ٻارڙي گاڏيءَ ۾ هيٺ ويٺل هئي. نينگريءَ جي امڙ موجب غور ڪرڻ تي خبر پئي ته هڪ گولي ڊگي ۽ سيٽ مان نڪري امل جي مٿي ۾ لڳي. امل جي امڙ ٻڌايو ته  هو فوري طور امل کي ويجهي واري اسپتال وٺي ويا پر نه ايمبولينس هئي ۽ نه وري اسپتال هٿرادو ساهه جو پمپ ڏيڻ تي راضي ٿيا ۽ ٻي هنڌ تان ايندڙ ايمبولينس جي اچڻ تائين نينگري فوت ٿي وئي. بينش ٻڌايو ته اسان معاوضو نه ٿا وٺڻ چاهيون پر اسان چاهيون ٿا ته اڳتي ڪنهن به سان به ايئن نه ڪيو وڃي. هن سوال ڪيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اي ڪي 47 گن پوليس کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي، جڏهن ته پوليس پهريون مڃڻ لاءِ تيار نه هئي ته گولي ڪنهن جي لڳي آهي. بينش چيو ته اسان ڪابل، شام، ڪشمير، لبنان يا فلسطين ۾ نه ٿا رهون، اسان ڪراچي ۾ آباد آهيون. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن به قسم جي همدردي ڏکويل والدين جي ڏک جو ازالو نه ٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ،بئريسٽر اعتزازاحسن، لطيف کوسا، ايڊووڪيٽ عمائمه ۽ ٻين تي ٻڌل ڪميٽي به جوڙي ڇڏي جيڪا پوليس ٽريننگ بابت رپورٽ پيش ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب حڪومت طرفان سرڪار جي خالي زمين عوامي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت سرڪاري خالي زمينن کي عوامي مفاد ۾ استعمال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے