16 منگل , اکتوبر 2018

پيٽ جي سور کان ڇٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار نسخا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيٽ جو سور عام طور هوريان هوريان وڌندو آهي يا ائين لڳندو آهي جيئن هڪ ننڍڙو بال جسم اندر ٽڪرائجي رهي آهي. احساس ڪهڙو به هجي، تڪليف تمام گهڻي ٿيندي آهي ۽ هر هڪ جي خواهش هوندي آهي ته ان سور مان فوري ڇٽڪارو ملي وڃي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اڪثر ان سور مان ڇٽڪاري ۾ مدد ڏيڻ وارو حل توهان جي رڌڻي ۾ ئي موجود هوندو آهي.

 صوف جو جوس

صوب جو جوس معدي ۾ تيزابيت کي متوازن ڪندو آهي جيڪو خوراڪ کي هضم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، عام طور تي معدي ۾ تيزابيت جي کوٽ کاڌي کي هضم ڪرڻ مشڪل بڻائيندو آهي، جنهن جو نتيجو اڪثر پيٽ ۾ سور جي صورت ۾ نڪرندو آهي. هڪ کاڌي جو چمچو هڪ ڪوپ پاڻي ۾ ملائي پيئڻ معدي جي تيزاب  بڻجڻ واري عمل کي تيز ڪندو آهي جڏهن ته پيٽ جي سور مان به ڇٽڪارو ڏيندو آهي.

پيٽ تي مالش

جيڪڏهن پيٽ ۾ سور قبضي سبب آهي ته پيٽ جي مٿان نرمي سان مالش ڪرڻ ريليف ڏئي سگهي ٿو پر قبضي مان ڇٽڪارو به ڏئي سگهي ٿو. ان مقصد لاءِ پيٽ تي شهادت واري آڱر ۽ وڏي آڱر سان ڪلاڪ وائز مالش ڪيو، جنهن سان آنڊن ۾ ڦاٿل کاڌي جي ٽڪرا ٿيڻ ۾ به مدد ملندي.

واڌو پاڻي پيئڻ

اڪثر پيٽ جو سور قبضي جو نتيجو ۽ آنڊن ۾ ڦاسڻ جو نتيجو هوندو آهي، جنهن جو وڏو سبب اڪثر پاڻي جي کوٽ هوندو آهي، پاڻي نه رڳو آنڊن لاءِ ضروري آهي پر هاضمي واري نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ خوراڪ کي جذب ڪرڻ به مدد ڏيندو آهي، ته پوءِ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ پيٽ سور مان ڇٽڪارو ڏياري سگهي ٿو.

ادرڪ چٻاڙيو

ادرڪ به هاضمي نظام کي متحرڪ ڪندو آهي، هڪ سينٽي ميٽر ادرڪ جي ٽڪرن کي ڪجهه منٽن تائين چٻاڙيو، جنهن سان هاضمي نظام متحرڪ ٿيندو ۽ پيٽ جي سور ۾ ريليف محسوس ٿيندو.

ايلوويرا جو جوس به فائديمند

جيڪڏهن پيٽ ۾ کاڌي بعد سور هجي ته ايلوويرا جو جوس ان مان ڇٽڪاري ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، 3/1 ڪپ ان جوس کي کي پيئڻ خوراڪ جي نالي کي سڪون پهچائي پيٽ جي سور کي ڏور ڪندو آهي.

يخني

هڏين جي يخني ۾ ڪيئي اجزا موجود هوندو آهن جيڪي خليات جي مرمت ۾ مدد ڏيندو آهي، جيڪڏهن ناقص خوراڪ جي نتيجي ۾ پيٽ ۾ سور يا هاضمي جي نظام جا مسئلا هجن، يا دوائن جي استعمال سان پيٽ ۾ تڪليف ٿئي ته اهو اڪثر خليات کي پهچندڙ نقصان جو نتيجو هوندو آهي، يخني ان جي مرمت لاءِ سٺو هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿي. هڪ ڪپ گرم يخني پيئڻ بعد ڪجهه ڊگها ساهه کڻو ۽ بس

ليمون جي چانهه يا پاڻي

ليمون به هاضمي واري نظام کي تمام گهڻو فائديمند آهي،   جيڪڏهن کاڌي بعد پيٽ ٺيڪ محسوس نه ٿئي ته هڪ ڪپ گرم ليمون جي چانهه يا هڪ کاڌي وارو چمچو ليمون جو عرق هڪ ڪپ پاڻي ۾ ملائي پيئڻ پيٽ جي سور کان ريليف ڏياريندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنڪ فوڊ جي عادت سگريٽ يا ڪنهن منشيات کان گهٽ ناهي : ماهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جنڪ فوڊ کي ڇڏڻ ايترو مشڪل ڇو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے