22 پیر , اکتوبر 2018

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier Leagueلاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن سرٽيفڪٽ( اين او سي) نه ملڻ تي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ليگ کيڏڻ جي اجازت ڏني وڃي. ذريعن موجب 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ افغان ليگ ۾ شرڪت لاءِ ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل ۽ محمد عرفان پي سي بي سان ربطو ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته اين او سي جاري ڪندي رانديگرن تي ليگ ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪرڪيٽرن مطالبو ڪيو ته افغان پريمپيئر ليگ جو حصو بڻجڻ لاءِ کين اين او سي جاري ڪئي وڃي ۽ اين او سي جي حوالي سان بورڊ کي پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي. رانديگرن جو چوڻ آهي ته اين او سي جي حوالي سان غيريقيني واري صورتحال سبب نقصان رانديگرن کي ٿيندو آهي. ياد رهي ته پي سي بي افغان پريميئر ليگ ۾ ان ايڪشن رانديگرن کي شرڪت کان روڪي ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته رڳو رٽائرڊ رانديگر ئي ليگ جو حصو هوندا. پي سي بي جي فيصلي سان وهاب رياض، سهيل تنوير، محمد عرفان، فهيم اشرف، محمد حفيظ، ڪامران اڪمل ۽ افتخار احمد افغان پريميئر ليگ مان آئوٽ ٿي ويا ۽ رٽائرڊ رانديگرن مان رڳو شاهد آفريدي جو ليگ سان معاهدو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے