21 اتوار , اکتوبر 2018

اين آر او عملدرآمد ڪيس: پرويز مشرف جي پيشي بابت وڪيل شرط رکي ڇڏيو

Musharraf returns the verdict or not, asks the Supreme Courtاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ اين آر اوعملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف جي اچڻ وڃڻ تي پابندي نه لڳائي وڃي ته هو واپس اچي سگهي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اين آر او عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه طرفان بيان حلفي عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو پرويز مشرف ڪڏهن پاڪستان ايندو. هن چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف هڪ برگيڊ سيڪيورٽي گهرندو ته اها به فراهم ڪئي ويندي،سڪيورٽي جتي طلب ڪئي وڃي فراهم ڪئي ويندي، هو پنهنجي مرضي سان ڊاڪٽر کان علاج به ڪرائي سگهندو، ڀلي سي ايم ايڇ اي يا اي ايف سي مان علاج ڪرائي. چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف جي آمد کان اڳ سندس گهر جي صفائي سٿرائي ڪرائي ويندي جنهن جو جائزو نعيم بخاري وٺندو. هن چيو ته پرويز مشرف جنهن هوائي اڏي تي لٿو رينجرز جا جٿا سندس آجيان ڪندا، هو پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي پوءِ جتي وڻي گهمي ڦري.  چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف واپسي لاءِ جيڪي انتظام چاهي ٿو اسان ڪنداسين، سپريم ڪورٽ سندس حفاظت يقيني بڻائيندي ۽ سندس اثاثن جو به پڇاڻو نه ڪنداسين. وڪيل اختر شاهه سان مقالمي دوران چيف جسٽس چيو ته مون کي پرويز مشرف جي واپسي جو شيڊول ٻڌايو جنهن تي اڳوڻي صدر جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف بزدل ناهي، جيڪڏهن سندس اچڻ وڃڻ تي پابندي نه لڳائي وڃي ته هو واپس اچي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے