18 جمعرات , اکتوبر 2018

مئچ فڪسرن طرفان 5 ٽيمن جي ڪپتانن سان رابطو: آءِ سي سي جو انڪشاف

Contact with 5 teams of fabrics by match fixing: ICC Enclosureدبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل هڪ سال ۾ ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن جي چئن ڪپتانن سميت گڏيل طور تي پنجن ڪپتانن سان سٽي بازن رابطو ڪيو آهي. آءِ سي سي سڌو سنئو پاڪستان جي ڪپتان سرفراز احمد جو نالو ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو آهي پر ميڊيا جي رپورٽن موجب انهن پنجن ڪپتانن مان هڪ سرفراز احمد به آهي جنهن کي گذريل سال دبئي ۾ هڪ پاڪستاني عرفان انصاري مئچ فڪسنگ جي آڇ ڪئي هئي.  آءِ سي سي ميڊيا بريفنگ ۾ زمبابوي جي اڳوڻي ڪپتان گريم ڪريمر جو اعترافي ويڊيو بيان به ڏيکاريو جنهن برينڊن آڇ جي باري ۾ ٻڌائي رهيو آهي. آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي جنرل منيجر ايلڪس مارشل جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ سال دوران بڪين پنجن ڪپتانن سان رابطو ڪيو جن ان حوالي سان آءِ سي سي کي فوري رپورٽ ڪيو، انهن پنجن ڪپتانن ۾ چار آءِ سي سي جي فُل ميمبر ملڪن(ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو درجو رکندڙ ٽيم) جا ڪپتان آهن. سٽي بازن گهڻي قدر ڪپتانن سان انڪري رابطو ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ۾ سموري مئچ کي ڪپتان ڪنٽرول ڪندو آهي جيڪڏهن ڪپتان انهن سان ملي وڃي ته اهو سندن ڪم کي مڪمل ڪري ڇڏيندو آهي، اٺ رانديگر اهڙن واقعن ۾ ملوث رهيا جن ۾ چار رانديگر ۽ پنج ڪرڪيٽ ايڊمنسٽريٽر به شامل آهن. ايلڪس مارشل جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن جي سلسلي ۾ ڀارتي بڪ ميڪر اڳڀرا آهن، ڀارتي سٽي باز سڄي دنيا ۾ راند لاءِ سخت رسڪ آهن، هو ٽي ٽوئنٽي جي خانگي ليگن کي نشانو بڻائي پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيا آهن. آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي جنرل منيجر ايلڪس چيو ته بڪ ميڪرن لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ جو سڀ کان بهترين ذريعو ٽي ٽوئنٽي ليگ آهن، دراصل اهي ماڻهو ٽي 20 کي پسند ڪندا آهن ۽ ان کي پنهنجو نشانو بڻائيندا آهن، بڪ ميڪرن لاءِ سڄي مئچ کي فڪس ڪرڻ ممڪن ناهي تنهنڪري هو يا ته سپاٽ فڪسنگ ڪندا آهن يا مئچ جي ڪنهن خاص سيشن تي ڌيان رکندا آهن. آءِ سي سي انتظاميا انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران سٽي بازي جي 32 واقعن تي جاچ ٿي جڏهن ته آءِ سي سي کي 23 واقعن رپورٽ ٿيا. پاڪستان جي ڪپتان سرفراز احمد سميت ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن جي چئن ٽيمن جي ڪپتانن اسپاٽ فڪسنگ جي واقعن کي رپورٽ ڪيو جڏهن ته هڪ ڪپتان جو واسطو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کڏندڙ ملڪ سان نه هو. ميڊيا جون ڪيمرائون بند ڪري کين سٽي بازن جي باري ۾ هڪ ويڊيو به ڏيکاري وئي جنهن ۾ زمبابوي جي اڳوڻي ڪپتان برينڊن ٽيلر اعتراف ڪري رهيو آهي ته کيس ڪهڙي طرح اپروچ ڪيو ويو، هڪ سٽي باز جنهن جو نالو انيل منور ٻڌايو ويو ان جي تصوير ڏيکاري وئي ۽ صحافين کي چيو ويو ته جيڪڏهن توهان هن کي سڃاڻو ٿا يا ان جي اصل شهريت ۽ نالي جي ڄاڻ آهي ته اسان کي ٻڌايو وڃي. ايلڪس مارشل ٻڌايو ته گذريل 12 مهينن دوران آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ 32 واقعن جي جاچ ڪئي جن مان 23 اهڙا آهن جن جي باري ۾ آءِ سي سي کي رپورٽ ڪيا ويا، ان عرصي دوران اٺ ڪرڪيٽر ڪرپشن ۾ ملوث رهيا جن ۾ چار اڳوڻا ڪرڪيٽر شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب حڪومت طرفان سرڪار جي خالي زمين عوامي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت سرڪاري خالي زمينن کي عوامي مفاد ۾ استعمال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے