23 منگل , اکتوبر 2018

حڪومت مني بجيٽ نه پر مني ڊرامو پيش ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت مني بجيٽ نه پر مني ڊرامو پيش ڪيو آهي. ڪراچي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي انور مجيد جي وڪيل چيو ته اڪائونٽ منجمند ٿيڻ سان ملازم متاثر ٿي رهيا آهن. بئنڪنگ ڪورٽ جي جج چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن کي به ڏسڻو پوندو، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ ڏيو پوءِ اڪائونٽس بابت باقاعده ٻڌڻي ڪئي ويندي.ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي کي آخري چالان پيش ڪرڻ جو چيو وڃي، عدالت چيو ته معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ وٽ آهي، ايف آءِ اي کي چالان لاءِ ٽائيم فريم جو چئي سگهون ٿا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد به عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته اهڙي قسم جي ماحول ۾ اهڙي قسم جي حڪومتن ۾ ته اهو ئي ٿيندو. صحافي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان سوال ڪيو ته حڪومت منيبجيٽ پيش ڪئي، تنهن تي توهان ڇا ڪندا،آصف زرداري چيو ته حڪومت مني بجيٽ نه مني ڊرامو پيش ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے