23 منگل , اکتوبر 2018

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ٽنهي ٻارڙن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ٻارڙن جي اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪيا آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار اين آر او ڪيس ۾ 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل ۽ اندرون توڙي پرڏيهه ملڪ اڪائونٽس جا تفصيل طلب ڪرڻ بابت 29 آگسٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي هدايت ڪئي ته هو ترڪي ۾ ملندڙ اثاثن جا تفصيل فراهم ڪري. اڳوڻي صدر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ درخواست ڪئي ته پنجن سالن تائين جا تفصيل وٺو، 10 سالن جا تفصيل نه گهريو، قانون رڳو 5 سالن لاءِ آهي. عدالت فاروق ايڇ نائيڪ جي پنجن سالن جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جي درخواست رد ڪندي چيوته 10 سالن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن جنهن تي آصف زرداري جي وڪيل چيو ته خودمختيار ٻارڙن جي اثاثن جا تفصيل به نه طلب ڪيا وڃن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هاڻي ته سمورا ٻار بالغ ۽ خودمختيار به آهن، شادي تائين نينگريون خرچ هيٺ رهنديون آهن.  وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليلن دوران چيو ته آصف زرداري 8 ڪيسن ۾ شريڪ جوابدار هو ۽ آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت هن کان بيان حلفي طلب ڪيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان جيڪڏهن بيان حلفي نه ٿا ڏيڻ چاهيو ته نه ڏيو، عوامي پئسو عوامي مفاد بابت آهي، تنهن ڪري اسان آرٽيڪل 184 3 جو استعمال ڪيو. جسٽس اعجاز الحسن فاروق ايڇ نائيڪ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا سمورو رڪارڊ توهان پاڻ ضايع ڪيو، جنهن تي وڪيل چيو ته مان رڪارڊ بابت امڪان ظاهر ڪيو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪرپشن اشو ناهي، اسان پنهنجي اختيارن جي دائري کي وڌائي رهيا آهيون. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته منهنجو اصيل 1997ع کان 2005ع تائين جيل ۾ رهيو آهي، سندس ٻارڙن جا اثاثا گهريا پيا وڃن جيڪي سندس خرچ هيٺ نه رهيا آهن، بينظير ڀٽو جي قبر جوٽرائل ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته توبهه توبهه ايئن ڪنهن چيو، محترمه جي ٽرائل جو سوچي به نه ٿا سگهون، بينظير ڀٽو شهيد ٿي توهان جي حڪومتي دور ۾ ڪيس جو ٽرائل اهو ناهي جيئن هئڻ گهرجي.  ٻئي وڪيل لطيف کوسا چيو ته جوابدارن جي بريت خلاف اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، چيف جسٽس چيو ته توهان سڄو ڏينهن عدالت ۾ هوندا آهيون، اسان کي ٻڌايو درخواست ٻڌي ڇڏيون ٿا. عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ٽنهي ٻارڙن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے