20 ہفتہ , اکتوبر 2018

فيسبڪ جي پهرين ڪميونٽي ليڊرشپ پروگرام ۾ 2 پاڪستاني عورتن جي چونڊ

ڪيليفورنيا( ويب ڊيسڪ ) سماجي رابطن واري مشهور ويب سائيٽ فيسبڪ جي پهرين ڪميونٽي ليڊرشپ پروگرام لاءِ پاڪستان مان به ٻن عورتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي جيڪي عورتن جي حقن ۽ سندن مدد لاءِ فيسبڪ جهڙي پليٽ فارم ذريعي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. ان ليڊرشپ پروگرام لاءِ سڄي دنيا مان 6 هزار اميدوارن جون درخواستون ڪمپني ڏانهن موڪليون ويون جنهن مان 115 ڪميونٽي ليڊرن جي چونڊ ڪئي وئي، جن ۾ پاڪستان مان ڪنول احمد ۽ ناديا گانگجي پنهنجي جاءِ ٺاهي. اهي 115 چونڊيل اميدوار ڪميونٽي اڳواڻن طور ڪم ڪندا، جن کي فيسبڪ طرفان ٽيڪنيڪي تربيت سان گڏوگڏ 50 هزار آمريڪي ڊالر مالي مدد به فراهم ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته اها ڪميونٽي ليڊر پنهنجي پنهنجي معاشري ۾ بهتري آڻڻ، ماڻهن ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال ۽ ان جي مثبت استعمال مان فائدا حاصل ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪيو. ان ليڊرشپ پروگرام ۾ جاءِ ٺاهيندڙ ڪنول احمد انساني حقن لاءِ سول سسٽر پاڪستان نالي فيسبڪ پيج جي شروعات ڪئي هئي ته جيئن عورتون پنهنجو آواز بلند ڪري سگهن ۽ هڪ ٻئي سان شيئر ڪري سگهن. 75 هزار کان وڌيڪ ميمبرن تي ٻڌل ان پيج تيزي سان عورتن ۾ آگاهي ۽ شعور پکيڙيو جنهن سبب اڄ ڪيتريون ئي عورتون پنهنجا اسڪول ۽ ٻيون ڪاروباري سرگرميون هلائي رهيون آهن. اهڙي طرح ئي ناديا گانگجي عورتن کي فيسبڪ تي شي اوپس نالي سان هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو، جنهن جو مقصد عورتن کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي مضبوط بڻائڻ ۽ کين ڊيجيٽل دنيا ۾ مقام ڏيڻ هو.ان ذريعي عورتون گهر ويٺي آن لائين ڪاروبار ڪري سگهن ٿيون، پنهنجي ڪنهن به مسئلي کان آگاهه ڪري سگهن ٿيون يا آن لائين واپار لاءِ آگاهي به وٺي سگهن ٿيون. اڄ ناديا گانگجي سبب پاڪستان جون ڪيئي عورتون گهر ويٺي آن لائين واپار ۾ ڪامياب آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

COAS, Qatari foreign minister discuss regional security

آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوا  سان قطري  نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوا سان قطري پرڏيهي وزير ۽ نائب وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے