20 ہفتہ , اپریل 2019

معاشي حالتن جو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي، ميثاق جمهوريت هئڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڄوڪي معاشي حالتن جو سڀ کان وڏو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته اڳوڻين حڪومتن ايندڙ نسلن کي قرضي ڪري ڇڏيو آهي، مهانگا ترين قرض وٺي رانديڪا ٺهرايا ويا، جڏهن ته 11 ارب رپيه رڳو شهباز شريف خرچ ڪيا اڄ ڪجهه ماڻهو ارب پتي بڻجي ويا آهن جن جا ايون فيلڊ ۾ فليٽس آهن. هن چيو ته اڄ ڪلهه ماڻهو چيلهه ۾ سور ٿيڻ تي جهاز ۾ ويهي لنڊن هليا ويندا آهن، اسحاق ڊار کي اڳوڻي وزيراعظم ٻاهر موڪليو، اڄوڪي معاشي حالت جو سڀ کان وڏو ذميوار اسحاق ڊار آهي. هن چيو ته جنهن تبديلي جو واعدو ڪيو آهي اهو هڪ هڪ ڪري پورو ڪنداسين، مخالف ڌر  اسان جي هڪ مهيني ۽ پنهنجي هڪ  سال جي ڪارڪردگي سامهون رکي. سندس چوڻ هو ته اورينج ٽرين کي پٽڙي تي رکڻ لاءِ هر سال 20 ارب رپيه گهرجن جڏهن ته ميٽرو بس کي هلائڻ لاءِ هر سال 6 ارب رپين جي ضرورت آهي. فواد چوڌري چيو ته اهڙي نموني ريڊيو پاڪستان ۾ 700 ماڻهو ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل آهن جنهن کاتي تي هٿ رکون خبر پوي ٿي ته اهو برباد آهي، هتي ميثاق معيشت هئڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے