23 منگل , اکتوبر 2018

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر سيف الرحمان جي ويئر هائوس تي ڇاپو هڻي 20 قيمتي گاڏيون هٿ ڪري ورتيون. ڪسٽم انٽيليجنس ذريعن موجب روات ويجهو ويئر هائوس تي ڇاپو هنيو ويو جنهن دوران 20 قيمتي گاڏيون هٿ ڪيون ويون آهن. هٿ آيل گاڏين جو تعلق قطر جي سفارتخاني سان ٻڌايو پيو وڃي پر سفارتخاني جو عملو گاڏين جا ڪاغذ نه ڏئي سگهيو ڪري سمورين گاڏين کي ويئر هائوس ۾ ئي سيل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گاڏيون تلور جي شڪار لاءِ استعمال ٿينديون آهن ۽ گاڏين کي هرسال ريگستاني علائقن ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ويئر هائوس جي مالڪ سيف الرحمان دوحا مان خاص طور ڳالهائيندي چيو ته ڪو به غلط ڪم نه ڪيو ويو آهي، اسان جي جاءِ رڳو اسٽوريج لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، سموريون گاڏيون چئن پنجن سالن کان هتي موجود آهن، گاڏيون قطري شيخ جاسم بن حمد جون آهن جيڪي ريگستان ۾ شڪار لاءِ آنديون ويون آهن، گاڏين جي ڪليئرنس پرڏيهي آفيس مان ٿيندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے