16 منگل , اکتوبر 2018

نيب ڦريل دولت جا 297 ارب واپس ڪرايا جيڪا وڏي ڪاميابي آهي: جاويد اقبال

Nawaz Sharif to transfer money to Nawaz Sharif: Chairman NAB will be present before the committee committee todayاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب نه رڳو ملڪ پر سمورن سارڪ ملڪن لاءِ رول ماڊل آهي، نيب ڦريل 297 ارب رپيه واپس ڪيا جيڪا وڏي ڪاميابي آهي، نه رڳو سارڪ پر ڀارت به نيب جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد اقبال چيو ته ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي ۾ شفافيت لاءِ يادداشت تي صحيحون ڪيون، نيب ڦريل رقم جي واپسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب ڦريل 297 ارب واپس ڪيا جيڪا وڏي ڪاميابي آهي، ٽرانپسرنسي انٽرنيشنل ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم نيب جي قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے