24 بدھ , اکتوبر 2018

ٿرپارڪر: ڏڪار متاثرن ۾ امدادي ڪڻڪ جي ورهاست دوران پيسا وٺڻ جو انڪشاف

ٿرپارڪر( ويب ڊيسڪ ) ٿرپارڪر ۾ ڏڪار متاثرن ۾ امدادي ڪڻڪ جي ورهاست دوران پيسا وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ٿري شهرين کان ڪڻڪ جي 50 ڪلو جي في ٻوري تي 50 رپين تائين ورتا پيا وڃن. رپورٽن موجب هڪ مقامي شهري ٻڌايو ته خوراڪ کاتي جو عملو مزودوري يا سروس جي نالي تي پيسا وٺي رهيو آهي.ياد رهي ته حڪومت گذريل مهيني ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيندي امدادي قدمن لاءِ سروي ڪرايو هو، جڏهن ته هلندڙ هفتي شهرين کي مفت ڪڻڪ  جي فراهم جو اعلان ڪيو ويو هو.ان مقصد لاءِ  تحصيل هيڊڪوارٽر ۾ هڪ سينٽر قائم ڪيو ويو، جتي متاثر خاندان جي سربراهه جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري ڪڻڪ جي ٻوري حاصل ڪري سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے