20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | ميرپورماٿيلو: ايس ٽي پي جو سنڌو مٿان ڊئم ٺاهڻ ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ۾ ايس ٽي پي  جي سڏ تي سنڌو درياءَ مٿان ڊئم ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ڀٽائي چوڪ تي  ٻن ڏيهن جي احتجاجي ڪمپ لڳائي وئي .

ايس ٽي پي جي ڪارڪنن  خالد لاکو ، معشوق سميجو ، علي گوهر گبول ، ميڊيا سان ڳالهنيدي چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ٻن ڏيهن جي علامتي بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي وئي آهي.

هنن چيو ته ڪالا باغ ڊيم جو مئل اشو اٿاري سنڌ واسين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جيان آهي .

هنن چيو ته سنڌو درياهه  مٿان ڊيم ٺاهي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ جو سازشون بند ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو واڌيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے