18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز | ڪڙيو گهنور: قومي عوامي تحريڪ جو سنڌو تي ڊئم اڏڻ خلاف احتجاج

ڪڙيو گهنور ۾قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف  ٽئين ڏينهن  به احتجاج جاري  رکيو ويو .

قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن   مبارڪ سمون، ڏانو مل ڪولهي، رحيم خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ شهيد فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياءُ تي ڪوبه ڊيم قبول نه ڪنداسين.

هنن چيوته   سنڌ ۾ افغانين برمين بيهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد  ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو واڌيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:سامارو: گرلز اسڪول مان چور الهه تلهه ٻهاري ويا

*سامارو شھر جي  گرلس هاءِ  اسڪول  مان چور تاله ٽوڙي اتلهه تلهه ٻهاري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے